اسلام آبادپاڪستان

عمران خان طرفان حڪومت کي گڏيل طور آرمي چيف مقرر ڪرڻ جي آڇ، وزيراعظم جو اهم انڪشاف

وزيراعظم شهباز شريف دعويٰ ڪئي آهي ته تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان گڏيل طور آرمي چيف آڻڻ جي آڇ ڪئي هئي جنهن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. وي لاگرز سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته عمران خان هڪ شخص جي ذريعي گڏيل طور تي آرمي چيف مقرر ڪرڻ جي آڇ موڪلي ۽ چيو ته آرمي چيف لا ٽي نالا مان ڏيندس ۽ 3 نالا توهان ڏيو، اسان انهن ڇهن نالن کي سامهون رکي نئين آرمي چيف جي مقرري جو فيصلو ڪري وٺنداسين، جيڪڏهن انهن منجهان ڪنهن هڪ جو نالو گڏيل طور آيو ته پاڻ ۾ اتفاق ڪري وٺنداسين. وزيراعظم چيو ته عمران خان جي اهڙي آڇ تي مون مهرباني چئي صاف انڪار ڪري ڇڏيو ۽ کيس پيغام موڪليو اٿم ته هي آئيني فرض آهي جيڪو وزيراعظم کي ئي ادا ڪرڻو هوندو آهي، ان سان گڏ مون عمران خان کي ميثاق جمهوريت ۽ ميثاق معيشت تي ڳالهيون ڪرڻ جي آڇ به ڪئي آهي. شهباز شريف اها به دعويٰ ڪئي ته ڊي آ ايس آ نديم انجم کانئس اجازت وٺي پريس ڪانفرنس ڪئي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته عمران خان ڳالهين جي ذريعي 2 شيون حل ڪرڻ جو خواهشمند آهي، جن مان هڪ مسئلو آرمي چيف جي مقرري جو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button