عالمي

ڏکڻ ڪوريا ۾ هيلووين دوران ڀاڄ، 151 ماڻهو لتاڙجي مري ويا، 355 اڃا گم

ڏکڻ ڪوريا جي گادي واري شهر سيئول کان ڪجهه فاصلي تي هيلووين جي تهوار دوران هجوم ۾ ڀاڄ پوڻ جي نتيجي ۾ هنن وقت تائين جي رپورٽ موجب 151 ماڻهو لتاڙجي مارجي ويا آهن ۽ 355 ماڻهو گم آهن. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ، واقعي بعد پهرين مارجي ويلن جو تعداد 59 ٻڌايو ويو هو، جيڪو وڌي 151 تي پهتو آهي

مارجي ويلن جا لاش عارضي مردا خاني ۾ منتقل ڪيا پيا وڃن

ڏهن تھ ڏکڻ ڪوريا جي حڪومت پڻ جاڻايل انگ ۾ ماڻهو مارجڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. مقامي اختيارين جو چوڻ آهي تھ 81 ماڻهو زخمي حالت ۾ اسپتالن ڏي منتقل ڪيا ويا آهن. سيئول جي ايٽاون ضلعي جي سامهون آيل وڊيوز ۾ لاش روڊن تي پيل نظر اچي رهيا آهن، سي پي آر جون ذميواريون سنڀاليندڙ ڪارڪن ۽ امدادي ڪمن ۾ مصروف ماڻهو ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍندي نظر آيا پئي.

ڀاڄ واري جڳهه تي ماڻهن جو هجوم نظر اچي رهيو آهي

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ اڃا تائين اهو معلوم نھ ٿي سگهيو آهي تھ واقعو ڪئين پيش آيو آهي. هوڏانهن سڄي دنيا جي ملڪي سربراهن ۽ قيادتن پاران واقعي تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button