پاڪستانسنڌ

ٿريٽس آهن، ڇا مون کي قتل ڪرڻ کانپوءِ منهنجي گهرڀاتين جو ڪيس هلايو ويندو؟: ام رباب

دادو: دادو جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ جي عدالت ۾ ام رباب چانڊيو جي پيءُ مختيار علي چانڊيو، ڏاڏي ڪرم الله ۽ چاچي ڪابل چانڊيو جي قتل ڪيس جي ڪالهه شنوائي ٿي، جنهن سلسلي ۾ ام رباب ۽ سردار چانڊيو عدالت ۾ پيش ٿيا، شنوائي دوران سردار چانڊيو جا ماڻهو به گهٽ پهتا ۽ پوليس سيڪيورٽي ۾ به نرمي ڪئي وئي، شنوائي وقت برهان خان جو وڪيل والد جي طبيعت خراب هئڻ جي درخواست ڏئي هليو ويو، عدالت وڪيل جي غيرموجودگي سبب شنوائي 20 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي ۽ ايندڙ شنوائي ۾ ايم پي اي سردار احمد چانڊيو ۽ برهان خان جي ضمانت واري درخواست تي دليل پيش ڪيا ويندا.

شنوائي ملتوي ٿيڻ بعد ام رباب چانڊيو عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عدالت کي گذارش ڪئي آهي ته ڪيس هلايو وڃي، عدالت ٻنهي ڀائرن کي ڏوهي ته قرار ڏئي ڇڏيو ۽ سندن نالا به ڪيس ۾ شامل ڪيا ويا آهن. ام رباب چيو ته هي جاگيردار وڏيرا بيگناھه ماڻهن جا قاتل آهن، ناظم کي بيگناھه قتل ڪيو ويو، وڏيرن، جاگيردارن سان هڪ هڪ ٿي وڙهنداسين ته ماريا وينداسين، اجتمائي طور تي وڙهنداسين ته پوءِ هي خاموش ٿيندا ۽ انقلاب ايندو.

هن چيو ته مون کي ٿريٽس آهن، حادثي جو سين ڪرايو ويو، ڇا مون کي قتل ڪيو ويندو ان کانپوءِ منهنجي گهرڀاتين جو ڪيس هلايو ويندو؟ بار بار ٿريٽس بابت عدالت ۾ ثبوت پيش ڪيا آهن، ان باوجود ڪيس کي نٿو هلڻ ڏنو وڃي، ڇا منهنجي قتل ٿيڻ جو انتظار ڪيو پيو وڃي؟.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button