پاڪستانسنڌ

ڊيميج اسسمينٽ سروي شفاف نموني ڪئي وڃي:ڊي سي عمرڪوٽ

عمرڪوٽ: ڊپٽي ڪمشنر، چيئرمين ڊي ڊي ايم اي عمرڪوٽ ڊاڪٽر ايم بي راجا ڌاريجو چيو آهي ته ضلعي عمرڪوٽ اندر ھلندڙ ڊيميج اسسمينٽ سروي واري ڪم کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي ۽ جيڪي گھر سروي ۾ رھجي ويا آهن، انھن کي پڻ شامل ڪيو وڃي، برسات متاثر ماڻھن جي آساني لا ھر تعلقي ۾ ڪنٽرول روم قائم ڪري نمبر جاري ڪيا آهن، ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ پڻ ڪنٽرول روم قائم ڪيو آهي، جيڪي گھر يا ڳوٺ ڊيميج اسسمينٽ سروي ۾ شامل نه ٿيا آهن، متاثر ماڻهو فون تي شڪايت نوٽ ڪرائي سگهن ٿا. ڳوٺن مان بيٺل پاڻي ڪڍڻ لا قدم کنيا وڃن. اھڙن خيالن جو اظهار ھن ڊي سي آفيس جي دربار ھال ۾ ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي عمرڪوٽ جي سمورن ميمبرن ۽ تعلقي ليول تي جوڙيل ٽاسڪ فورس جي عملدارن سان ڪوٺايل اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ايم پي اي پي امير علي شاهھ وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڪمانڊر پاڪستان آرمي ڇور ڪينٽ ڪرنل ڪامران، غلام اڪبر درس، شاھنواز جوڻيجو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊي سي سمورن اي سيز کي هدايت ڪندي چيو ته ڊيميج اسسمينٽ سروي جي ڪم کي شفاف طريقي سان مڪمل ڪيو وڃي ۽ ان لاءِ تعلقي ٽاسڪ فورس جي گڏجاڻي ڪوٺائي پيش ايندڙ مسئلن کي حل ڪيو وڃي. ھن ڊي ايڇ او کي ھدايت ڪندي چيو ته ضلعي ۾ ڊينگي جي مريضن لا اسپيشل وارڊ قائم ڪري اتي ڊينگي جي مريضن کي سموري طبي سھولت مھيا ڪئي وڃي. ان موقعي تي ايم پي اي امير علي شاهھ چيو ته ضلعي جي جن به ڳوٺن ۾ پاڻي بيٺل آهي، اهو نيڪال ڪري عوام کي پيئڻ جو پاڻي ڏيڻ لا ڇور واهه ۾ پاڻي فرام ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button