پاڪستانسنڌ

جهول ۾ بدامني ۽ ايس ايڇ او خلاف ايس ٽي پي جو مظاهرو

جھول: جھول ۾ وڌندڙ ڏوھن ۽ سماجي براين خلاف سنڌ ترقي پسند پارٽي ضلعي سانگهڙ جي ڪارڪنن مرڪزي اڳواڻ نثار احمد ڪيريو، علي ڏنو خاصخيلي، شاھنواز نائچ ۽ جبار جوڻيجو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪري حيدرآباد-سانگهڙ روڊ تي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب روڊ هڪ ڪلاڪ تائين بند رهيو، ڪارڪنن پوليس ۽ بدامني خلاف نعريبازي پڻ ڪئي. اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ڪجهھ ڏينھن اڳ اسان جي ساٿي اختر سنڌي کان موٽرسائيڪل، روڪ رقم ۽ 2 موبائل فون ڦر ٿيا، جنهن جو فرياد اسان جھول ٿاڻي تي داخل ڪرايو، پوليس جوابدار گرفتار ڪري ھڪ موبائل فون برآمد ڪيو، پر پوليس وڏي رشوت وٺي جوابدارن کي آزاد ڪري ڇڏيو، جنهن خلاف اسان آواز اٿاريو آهي ته ايس ايڇ او ياسر مغل اسان جي ساٿين کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، جيڪو ظلم آهي، ايس ايڇ او جھول ياسر مغل سوشل ميڊيا تي هراسان ڪري پيو. هنن ڊي آئي جي شھيد بينظيرآباد ۽ ايس ايس پي سانگهڙ کان گهر ڪئي ته جھول ۾ وڌندڙ ڏوھن ۽ سماجي براين جو نوٽيس وٺي ايس ايڇ او جھول ياسر مغل کي ھٽائي انصاف ڪيو وڃي. جڏهن ته ڊي ايس پي ڄام نواز علي ايٽ جھول پرويز اختر قريشي پھچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري احتجاج ختم ڪرايو. ٻئي طرف کرل برادري جي ماڻهن را صعبت الله کرل ۽ مولوي حميد کرل جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي شھر جو گشت ڪري پوليس جي حمايت ۾ نعرا هيا ۽ ڊي ايس پي توڙي ايس ايڇ او جھول کي گلن جا هار پارايا. جتي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ايس ايڇ او ياسر مغل چيو ته موٽرسائيڪل چورن جي گروهه کي گرفتار ڪري 10 کان وڌيڪ موٽرسائيڪلون هٿ ڪري مٿن ڪيس داخل ڪيو آهي، ڪنهن جي به بليڪ ميلنگ ۾ نه ايندس.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button