پاڪستانسنڌ

مٺي ۾ نوجوان بيروزگاري کان تنگ ٿي انت آڻي ڇڏيو

مٺي: مٺي جي کوکر پاڙي ۾ نوجوان بيروزگاري کان تنگ ٿي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو. 21 سالن جي نوجوان ڪوشل ولد مڪيش ميشوري بيروزگاري ۽ غربت سبب پنهنجي گهر اندر ڦاهو کائي زندگي جو انت آندو، پوليس اطلاع تي واقعي واري هنڌ پهچي لاش سول اسپتال منتقل ڪيو، نوجوان ڪافي وقت کان بيروزگار هو، جيڪو روزگار جي تلاش ڪري ٿڪجي پيو هو، پر ڪٿي مزدوري نه ملي. پوليس موجب نوجوان بيروزگاري کان تنگ ٿي گهر اندر خودڪشي ڪئي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button