پاڪستانسنڌ

عمرساند ۾ حادثو، زال فوت، مڙس زخمي، 2 ٻار معجزاڻي طور محفوظ

عثمان شاھه ھڙي: عمر ساند ٿاڻي جي حد ٽنڊوالهيار-ٽنڊوآدم روڊ حاجي علو بس اسٽاپ وٽ موٽرسائيڪل ۽ ٽرڪ ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو، جنهن سبب شھدادپور لڳ ڳوٺ ابراهيم ڏيٿو جو رھواسي ڏيوو ڪولھي زخمي ۽ سندس زال ھتي فوت ٿي وئي، جڏهن ته ٽرڪ ڊرائيور حادثي واري هنڌ تان فرار ٿي ويو، حادثي دوران زخمي ڏيوو جا ٻه ٻار راڌيڪا ڌيءَ ۽ سورج معجزاڻي طور بچي ويا. اطلاع تي عمرساند پوليس پهچي زخمي ۽ عورت جو لاش کڻائي سول اسپتال ٽنڊوالهيار منتقل ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button