سنڌ

سنڌ حڪومت جو ٻوڏ جي تباهي بابت عالمي ڪانفرنس ڪوٺائڻ جو فيصلو

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪابينا جي منظوري سان صوبي ۾ ٻوڏ جي تباهي ۽ آبپاشي ۽ نيڪال جي نظام جي بحالي لاءِ نوان طريقا ڳولڻ بابت ٻه ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس سڏائڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته جيئن مستقبل ۾ امڪاني آفتن کان بچي سگهجي. 2022 جي برساتن ۽ ٻوڏ جي آفتن کي نظر ۾ رکندي اسان جو درياهي نظام، سنڌو درياءَ تي پل، ڊرينيج سسٽم جهڙوڪ آر بي او ڊي، ايل بي او ڊي، ايم اين وي ۽ فلڊ پروٽيڪشن بند وغيره ان آفت کي روڪڻ ۾ ناڪام ويا آهن، تنهن ڪري اسان کي گهرجي ته عالمي بئنڪ سميت سمورن ماهرن کي گڏ ڪري ٻوڏ ۽ آبپاشي نظام کي نئين سر ترتيب ڏيڻ جي ضرورت تي بحث ڪري مستقبل ۾ موسمياتي دٻاءُ کي منهن ڏيڻ لاءِ سامهون ايندڙ تجويزن پٽاندڙ حل ڪري سگهجي. هن اها ڳالهه سومر ڏينهن وزيراعليٰ هائوس ۾ ڪابينا جي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. ڪابينا جي اجلاس ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، خاص مددگارن، چيف سيڪريٽري سهيل راجپوت، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري فياض جتوئي ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. وڏي وزير چيو ته ڊسمبر ۾ قومي ۽ بين الاقوامي ماهرن کي گهرايو وڃي ته جيئن آبپاشي ۽ ڊرينيج سسٽم کي ترقي وٺرائڻ ۾ رهنمائي ڪرڻ بابت تجويزون آڏو اچي سگهن ۽ بحث مباحثا ڪجن. سيڪريٽري صحت ذوالفقار شاهه ڪابينا کي ٻڌايو ته نيشنل هيلٿ سروسز واري وزارت پوسٽ گريجوئيٽ جو ماهوار وظيفو 73000 مان وڌائي 104390 رپيا ۽ هائوس آفيسرن جو ماهوار وظيفو 40000 مان وڌائي 69600 رپيا ڪيو آهي. ڪابينا صحت کاتي جي تجويز تي غور ڪندي ان کي وفاقي وزارت نيشنل هيلٿ سائنس جي وظيفي جي برابر ڪرڻ جي منظوري ڏني. سنڌ ڪابينا ۾ صحت کاتي جي هڪ ايجنڊا تي غور ڪيو ويو ته صوبائي صحت کاتي ۾ ڪم ڪندڙ ڊاڪٽرن کي COVID-19 رسڪ الائونس ڏنو پيو وڃي، جيڪو ڪابينا آڪٽوبر 2022 تي واپس ورتو هو. صحت کاتي ڪابينا کي هيلٿ رسڪ الائونس بحال ڪرڻ جي درخواست ڪئي، جنهن تي ڪابينا غور ڪيو ۽ ناڻي کاتي کي مالياتي تجويزون پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ڪابينا خاص طور تي COVID-19 جي وبائي مرض دوران صحت جي خدمتن ۾ ڪوششن ۽ سهڪار کي ساراهيو. ان معاملي تي ايندڙ ڪابينا جي اجلاس ۾ بحث ڪيو ويندو. جيستائين ناڻو کاتو پنهنجي مالي تجويز تيار ڪري پيش ڪري. گهرو کاتي هڪ آئٽم پيش ڪيو ته ڪابينا اڳ ۾ ئي پوليس جي پوسٽن کي اپ گريڊ ڪري چڪي آهي تنهنڪري جيل جي سيٽن کي پڻ اپ گريڊ ڪري سگهجي ٿو. ڪابينا اي ايس آءِ/ليڊي اي ايس آءِ/ڊرل انسٽرڪٽر جي گريڊ 9 کان 11 تائين، هيڊ ڪانسٽيبل/ ليڊي ايڇ سي/ وائرليس آپريٽر/ آرمرز ۽ جيل ڪانسٽيبل جي گريڊ 7 کان 9 تائين، سينيئر پي سي/ پي سي ۽ ليڊي پي سي کي گريڊ 5 کان 7 تائين اپ گريڊيشن جي منظوري ڏني. ڪابينا سليڪشن ڪميٽي جي سفارش تي ڊاڪٽر محمد صابر کي شهيد بينظير ڀٽو انسٽيٽيوٽ آف ٽراما ڪراچي جو ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني. ڪابينا 18 لک تباهه ٿيل گهرن جي ٻيهر تعمير جي تجويز تي پڻ غور ڪيو ۽ نئين قائم ٿيل هائوسنگ ڪمپني جي سي اي او خالد شيخ کي هدايت ڪئي ته هو موسمياتي تبديلين ۽ موڊ تعميرات جي روشني ۾ گهرن جي تجويزن ۽ سندس ڊيزائن کي حتمي شڪل ڏئي ته جيئن ڪم شروع ڪرڻ جي منظوري ڏئي سگهجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button