پاڪستان

وزيراعظم جو هاري پئڪيج تحت 1800 ارب رپين جا قرض ڏيڻ جو اعلان

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف “هاري پئڪيج” تحت هارين کي 1800 ارب رپين جا قرض ڏيڻ اعلان ڪيو آهي. هاري پئڪيج نيوز ڪانفرنس دوران هن چيو ته گذريل سال جي ڀيٽ ۾ اهو قرض چار سئو ارب رپيا وڌيڪ آهي، ٻوڏ متاثر علائقن ۾ زراعت ۽ هارين جي روزگار جي بحالي لاءِ خاص پئڪيج تيار ڪرايو آهي. شهباز شريف چيو ته ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ بنا زمين وارن هارين لاءِ پنج ارب رُپيا سبسڊائزڊ قرض ڏنا ويندا جڏهن زرعي شعبي ۾ سمال ۽ اينڊ ميڊيم انٽرپرائز لاءِ ڏهه ارب رُپيا رکيا ويا آهن. وزيراعظم چيو ته ڊي اي پي جي في ٻوري جي اگهه ۾ 2500 رُپيا لاٿ ڪرائي وئي آهي جڏهن ته ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ ڪڻڪ جي ٻج جي 12 لک بيگز ورهايا ويندا. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته متاثر علائقن ۾ ننڍن هارين جا قرض معاف ڪيا پيا وڃن جڏهن ٻاهران پنج سالن تائين پراڻن ٽريڪٽرن جي درآمد جي اجازت ڏني پئي وڃي. شهباز شريف چيو ته ملڪ ۾ ٽريڪٽر جا اگهه گهٽ نه ٿيڻ سبب اهڙو فيصلو ڪرڻو پيو، ان کانسواءِ هن ٻڌايو ته پنج لک ٽن يوريا درآمد ڪئي ويندي جڏهن ته ٻه لک ٽن يوريا درآمد ڪري چڪا آهيون. سندس چوڻ هو ته بيروزگار نوجوانن لاءِ جيڪي زرعي شعبي ۾ پنجاهه ارب رُپين جا قرض رکيا آهن ۽ ان لاءِ حڪومت ڇهه ارب چاليهه ڪروڙ رُپين کان وياج جي شرح ۾ سبسڊي ڏيندي کين سستو قرض ڏنو ويندو. وزيراعظم چيو ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ڪڻڪ جي تصديق ٿيل ٻج جون 12 لک ٻوريون ورهايون وينديون جنهن جي 25 سيڪڙو ادائيگي وفاق ڪندو جڏهن ته 25 سيڪڙو ادائيگي ڪرڻ جا صوبا پابند هوندا، ان لا 13 ارب 20 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button