پاڪستانسنڌ

مٺي اسپتال ۾ ويم بعد عورت جو ٻار فوت،غفلت جو الزام

ڇاڇرو: ڇاڇرو جي ڳوٺ مٺڙيو جي رهواسي ڳورھاري عورت سنيتا زال پپو ميگھواڙ کي ويم لاءِ وارث بنيادي صحت مرڪز ڪانٽيو پهچايو، جتان ڳڻتي جوڳي حالت ۾ عورت کي مٺي اسپتال نيو ويو، جتي آپريشن بعد عورت جو ٻار فوت ٿي ويو. وارثن موجب اسان عورت کي ويم لاءِ ڪانٽيو جي بنيادي صحت مرڪز وٺي وياسين، جتي ڊاڪٽرياڻي اسان کي 2 ڏينهن ترسايو، نيٺ اسان زبردستي اسپتال کان ڳڻتي جوڳي حالت ۾ عورت کي کڻائي مٺي جي اسپتال پهتاسين، جتي آپريشن ذريعي ويم ڪرايو ويو، پر ٻار فوت ٿي ويو، ڊاڪٽرن ڳورهاري عورت جي حياتي بچائي آهي. هنن الزام هڻندي چيو وقت سر ويم ٿي ها ته ٻار جي حياتي بچي وڃي ها، ڊاڪٽرياڻي 2 ڏينهن لاڳيتو اسپتال ۾ داخل ڪري ساڻس زيادتي ڪئي آهي. نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي. ٻئي پاسي اسپتال جي چيف ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر ڪشور پاران رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته مونکي خبر ناهي، آئون ڊاڪٽرياڻي کان پڇا ڪيان ٿو ته مسئلو ڇا آهي، بنا ڪنهن پيچيدگي جي ريفر نه ڪيون ها، وڌيڪ آئون جاچ ڪيان ٿو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button