پاڪستانسنڌ

ڇاڇرو ۾ سرڪاري اسڪول ۾ استاد مقرر نه ٿيو، شاگردن جو مظاهرو

ڇاڇرو: ڇاڇرو ويجهو ڳوٺ بهار ڀيل جي جيٺو ڀيل پاڙي جي بوائز پرائمري اسڪول ۾ 9 سالن کان استاد مقرر نه ٿيڻ خلاف شاگردن ۽ ڳوٺاڻن جامن ڪمار ڀيل، منگل ڀيل، ڏانون ڀيل، آسن ڀيل، مولچند ڀيل ۽ ڪانجي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري چونڊيل نمائندن ۽ تعليم کاتي جي عملدارن خلاف نعريبازي ڪئي. هنن چيو ته اسان جي ڳوٺ بهار ڀيل جي جيٺو ڀيل پاڙي جي بوائز پرائمري اسڪول ۾ 2013ع کان استاد نه پيو ڏنو وڃي، جنهن جي ڪري پنج سئو گهرن جي آبادي جي ڳوٺ جي 110 معصوم شاگردن جي تعليم متاثر ٿي وئي آهي، 9 سالن تعليم کاتي ڇاڇرو ۽ مٺي جي آفيسن جا چڪر ڪاٽي رهيا آهيون، پر ڪير اسان غريبن جي دانهن نٿو ٻڌي. اسڪول جي عمارت جو هڪ ڪمرو تعمير ٿيل آهي، ڪورين اسپتال وارن پرائيوٽ استاد ڏنو آهي، پر سرڪاري استاد نه هئڻ ڪري سخت پريشان آهيون. ٻارڙن جي والدين تعليم واري صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ڳوٺ بهار ڀيل جي بوائز پرائمري اسڪول ۾ استاد مقرر ڪري معصوم ٻارڙن جو مستقبل تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button