پاڪستانسنڌ

چيلهار لڳ ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر، عمرڪوٽ واسي فوت

چيلهار/ڇاڇرو: چيلهار لڳ حادثي ۾ عمرڪوٽ واسي فوت ٿي ويو، 2 ماڻهو زخمي ٿي پيا. ان سلسلي ۾ چيلهار ويجهو ويجهيار اسٽاپ وٽ ٻن تيز رفتار موٽرسائيڪلن ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو، جنهن سبب عمرڪوٽ جو رهواسي تعلقي اسپتال ڇاڇرو جي ڊاڪٽر دليپ ڪمار جو ڀا 18 ورهين جو سنتوس پٽ سسپال مهيشوري موقعي تي فوت ٿي ويو، حادثي ۾ 2 ڄڻا ننگرپارڪر جي ڳوٺ ڏانڀاريو واسي رحمان ولد هارون ۽ اويس ولد ارباب راهمون سخت زخمي ٿي پيا، زخمين ۽ فوتي جو لاش چيلهار اسپتال آندو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش عمرڪوٽ روانو ڪيو ويو، زخمين کي مٺي ريفر ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button