پاڪستان

تحريڪ انصاف اسلام آباد ۾ جلسي لاءِ عدالت سان رابطو ڪري ورتو

اسلام آباد: تحريڪ انصاف جلسي لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو. تحريڪ انصاف طرفان درخواست اسلام آباد جي پارٽي صدر علي نواز اعواڻ داخل ڪئي جنهن ۾ گهرو وزارت، ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد ۽ آءِ جي اسلام آباد کي ڌر بڻايو ويو آهي. داخل ڪيل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته حقيقي آزادي لانگ منعقد ڪرڻ لاءِ درخواست گذار ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد سان رابطو ڪيو. 26 آڪٽوبر تي خط لکيو ويو پر اڃان تائين اين او سي ناهي ملي. سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب تحريڪ انصاف سرينگر هاءِ وي تي جلسو ڪري سگهي ٿي. درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته ڪشمير هاءِ وي پشاور موڙ تي جلسو ڪرڻ لاءِ اين او سي جاري ڪئي وڃي. عدالت ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد کي اين او سي جاري ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن کي حراسان ڪرڻ کان روڪڻ جو حڪم ڏئي. درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڊپٽي ڪمشنر کي اين او سي جاري ڪرڻ جون هدايتون ڪيون وڃن. جڏهن ته آءِ جي اسلام آباد کي خصوصي سيڪيورٽي جي لاءِ هدايتون جاري ڪيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button