
گورنمينٽ سيڪينڊري ٽيچرز الائينس استادن جي امڪاني برطرفي خلاف حيدرآباد پريس ڪلب سامهون علامتي بک هڙتال ڪئي. ان موقعي تي اعجاز کوسو، عاقل سمون، شهزادي ڀرڳڙي، نجيب ابڙو ۽ ٻين چيو ته اسان کي تعليم کاتي ۾ 2012 ۾ استاد مقرر ڪيو ويو هو. هاڻ وري مختلف جواز ڄاڻائي نوڪري مان برطرف ڪيو پيو وڃي. حڪومت عوام کي روزگار ڏيڻ بدران بيروزگار ڪري رهي آهي. 600 کان وڌيڪ مرد ۽ عورت استادن کي بيروزگار ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي. هنن چيو ته اسان ڪالهه به پ پ سان گڏ هئاسين ۽ اڄ به بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ آهيون. هنن مطالبو ڪيو ته 2012 جي مقرر استادن جون انڪوائريون بند ڪري استادن سان انصاف ڪيو وڃي. ٻئي صورت ۾ سنڌ اسيمبلي سامهون مرڻ گهڙي تائين بک هڙتال، مظاهرا ۽ بلاول هائوس ڪراچي سامهون ڌرڻو هنيو ويندو.