سنڌ

شاهه لطيف اشرافيه نه پر عوام جو شاعر هو:اياز لطيف پليجو

ڪراچي يونيورسٽي ۾ سنڌي شاگرد سٿ پاران لطيف ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي. ان موقعي تي صدارتي خطاب ڪندي قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجي چيو ته شاهه لطيف اشرافيه نہ پر عوام جو شاعر هو. شاهه لطيف امن، رواداري ۽ محبت جو عالمي پيغام ڏنو. شاهه لطيف جو فڪر ماڻهن کي ڳنڍڻ جو درس ڏئي ٿو، اسان کي شاهه لطيف، بلي شاهه، باهو ۽ فريد جي پيغام تي عمل ڪرڻو پوندو. سنڌ جو عوام علم ۽ ترقي چاهي ٿو، کين نئين تجربي جي تابع نه ڪيو وڃي. ڪراچي جا ماڻهو دهشتگردي کان آزادي ۽ علم ۽ ترقي چاهين ٿا. سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ شاگردن کي تعليم تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، اهو ئي سنڌ جي ترقي جو رستو آهي. افسوس جي ڳالھه آهي ته سنڌ جي ڪا به يونيورسٽي دنيا جي نامور يونيورسٽين ۾ شامل ناهي. وقت اچي ويو آهي ته ظالمن، ڀوتارن ۽ ڪرپٽ حڪمرانن کان نجات حاصل ڪئي وڃي. اياز لطيف پليجي چيو ته مڇر ڪالوني واقعو قانون، اخلاق ۽ انسانيت جي توهين آهي، واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي، سنڌ ۾ ماڻهو مليريا ۽ ڊينگي سبب مري رهيا آهن. سنڌ ۾ آيل سمورن غير قانوني پرڏيهين کي واپس موڪليو وڃي. ملڪ کي غير يقيني واري صورتحال جو نقصان ٿي رهيو آهي. پاڪستان جي مسئلن جو حل هڪ منصفاڻي، شفاف ۽ جمهوري وفاق ۾ آهي. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ ۾ منشيات جي اسمگلنگ دهشتگردي ۽ هٿيارن جي نمائش برداشت نه ڪنداسين. سنڌ مان چونڊيل پارٽين عوام کي مايوس ڪيو آهي، انهن جو احتساب ڪيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو ته سنڌ جي زمينن، ٻيٽن ۽ وسيلن تي قبضو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button