پاڪستان

شهباز شريف ڪير ٿيندو آهي جوابدار آزاد ڪرائڻ وارو؟ لاهور هائيڪورٽ

لاهور ها ڪورٽ راولپنڊي بئنچ مسجد نبوي صه جو تقدس پائمال ڪرڻ واري واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي 4 ڏينهن اندر گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته شهباز شريف ڪير ٿيندو آهي واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي آزاد ڪرائڻ وارو. مسجد نبوي صه ۾ وفاقي وزيرن سان پيش آيل واقعي تي شيخ رشيد خلاف اٽڪ ۾ داخل ڪيس جي درخواست خارج ڪرڻ بابت لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ شنوائي ٿي. ها ڪورٽ جي جج چوڌري عبدالعزيز جاچ آفيسر راجا فياض تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي رمارڪس ڏنا ته ڪيس ۾ نامزد ٻيا جوابدار ڪٿي آهن، اهي اڃا تائين گرفتار ڇو نه ٿيا آهن؟ شيخ رشيد جي وڪيل چيو ته وزيراعظم شهباز شريف سعودي عرب وڃي واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي آزاد ڪرائي ڇڏيو آهي، جنهن تي عدالت پڇاڻو ڪيو ته وزيراعظم جو ان ڪيس سان ڪهڙو تعلق؟ شهباز شريف ڪير ٿيندو آهي واقعي ۾ ملوث ماڻهن کي آزاد ڪرائي، سياستدانن کي پنهنجي روين تي غور ڪرڻ گهرجي. عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته توهان کي 4 ڏينهن ڏيون ٿا، وڊيوز ۾ نظر ايندڙ جوابدارن کي گرفتار ڪري پيش ڪيو وڃي. ها ڪورٽ بئنچ ڪيس جي شنوائي 4 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button