پاڪستان

هٿيار کڻي اسلام آباد پهچنداسين: تحريڪ انصاف جي صوبائي وزير جو اعتراف

خيبر پختونخوا جي صوبائي وزير ڪامران بنگش لانگ مارچ ۾ هٿيار کڻي اسلام آباد پهچڻ جو ارادو ظاهر ڪري ڇڏيو. هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته اسان پنهنجي حفاظت لا لائنسس وارا هٿيار کڻي اسلام آباد وينداسين، جيڪڏهن وفاقي حڪومت ڪا به گڙبڙ يا غنڊا گردي ڪئي ته پنهنجي دفاع جو حق محفوظ رکون ٿا، رستن تي جيڪي رڪاوٽون آهن، انهن کي هٽائڻ لا ڌار ٽيمون جوڙيون ويون آهن، جيڪي فرنٽ لائن تي هونديون. هن وڌيڪ چيو ته اسان پرامن رهنداسين ۽ اها اميد پڻ ڪريون ٿا ته حڪومت هوش کان ڪم وٺندي، جيڪڏهن 25 مئي واري تاريخ دهرائي وئي ته نقصان سندن ئي ٿيندو، اسان جو هر اسيمبلي ميمبر 1500 کان 2 هزار ماڻهو پنهنجي تڪ مان وٺي مارچ ۾ شرڪت ڪندو، اسلام آباد ۾ 4 ڏينهن رهنداسين، جنهن لا تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button