پاڪستان

فيس سيونگ نه ڏجو، نوازشريف وزيراعظم کي عمران خان سان ڳالهين کان روڪي ڇڏيو

مسلم ليگ (ن) جي سربراهه نواز شريف وزيراعظم شهباز شريف کي تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان سان ڪنهن به قسم جي ڳالهين کان روڪي ڇڏيو ۽ مطالبا نه مڃڻ جي سختي سان هدايت ڪندي چيو آهي ته هن فتني جو نه ڪو مطالبو تسليم ڪيو وڃي ۽ نه ئي کيس فيس سيونگ ڏني وڃي. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته 10 لک ماڻهو آڻڻ جي دعويٰ ڪندڙ اڃا تائين 2 هزار ماڻهو به گڏ ڪري نه سگهيو آهي، عوام جي لاتعلقي جو سبب اهي شر پکيڙيندڙ ڪوڙ آهن، جن جو ڪچو چٺو قوم جي سامهون اچي چڪو آهي، عمران خان هڪ ٻئي پٺيان ايتري بيدردي ۽ نڪ جي پڪائي سان ڪوڙ ڳالهايا آهن جو ڊي جي آ ايس پي آر کي مجبور ٿي پنهنجي خاموشي ختم ڪري قوم کي سچ ٻڌائڻو پيو، جنهن جو جواب هو ايترا ڏينهن گذرڻ باوجود ڏئي نه سگهيو آهي، تنهن ڪري روايت موجب سندس سڄو زور گارگند تائين محدود آهي. نواز شريف وڌيڪ لکيو ته مون شهباز شريف کي چئي ڇڏيو آهي ته هي 2 هزار ماڻهن جو جٿو وٺي اچي يا 20 هزارن جو، نه هن فتني جو ڪو مطالبو ٻڌڻو آهي ۽ نه ئي کيس منهن لڪائڻ ڏنو وڃي، جنهن لا هي بيتاب آهي، وزيراعظم شهباز شريف کي عوام جي خدمت تي سڄو ڌيان ڏيڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button