سنڌ

عمران خان جي لانگ مارچ ۾ شرڪت لا ڪراچي مان قافلو نڪتو

پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان جي لانگ مارچ ۾ شرڪت لا تحريڪ انصاف سنڌ جي اڳواڻ علي زيد جي اڳواڻي ۾ ڪراچي کان نڪتل قافلو حيدرآباد پھتو، جنھن ۾ حيدرآباد جا پي ٽي آ ڪارڪن شريڪ ٿيا، علي زيدي جي اڳواڻي ۾ قافلو لانگ مارچ ۾ شرڪت لا اسلام آباد ڏانھن روانو ٿي ويو. پاڪستان تحريڪ انصاف سنڌ جي اڳواڻ علي زيدي حيدرآباد ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته عمران خان جو لانگ مارچ حقيقي آزادي مارچ آھي، ھي مارچ ڪرسي لا ناھي. ھن چيو ته پاڪستان جي 75سالن جي تاريخ ۾ ملڪ کي ھلائڻ وارا ڪرپٽ ترين ماڻھو آيا آھن، جيڪي چور دروازي کان آيا آھن، جنهن مان اسان کي جان ڇڏائڻي آھي. ھن چيو ته اسان جو مطالبو آھي ته ملڪ ۾ فوري طور شفاف اليڪشن ڪرائي وڃي، جيڪي ڪرپٽ آھن اھي شفاف اليڪشن نٿا چاھين. اسان عوام جي طاقت سان ملڪ ۾ شفاف اليڪشن ڪرائڻ لا ميدان ۾ نڪتا آھيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button