سنڌ

رسڪ الائونس جاري نه ٿيڻ خلاف او پي ڊيز جو بائيڪاٽ، مظاهرا

گرينڊ هيلٿ الائنس سنڌ جي سڏ تي ينگ ڊاڪٽرس ايسوسيئيشن، ينگ نرسز ايسوسيئيشن، پاڪستان پيرا ميڊيڪل اسٽاف پاران رسڪ الائونس جو نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيڻ ۽ مطالبن جي مڃتا لا مختلف شهرن ۾ او پي ڊيز جو بائيڪاٽ ڪري اسپتالن اڳيان احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. ان سلسلي ۾ لاڙڪاڻي جي چئني سرڪاري اسپتالن سول اسپتال، چانڊڪا ٽيچنگ اسپتال، شيخ زيد وومين ۽ شيخ زيد چلڊرين اسپتالن جي او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري اڳواڻڻ ڊاڪٽر فضل کوسو، زبير منگي، شاهي خان جاگيراڻي، ذوالفقار سهتو، غلام حسين لانگاهه، غلام حسين جلباڻي ۽ ٻين سٽي او پي ڊي ٻاهران احتجاجي ڌرڻو هنيو. ميرو خان ۾ او پي ڊي جو مڪمل بائيڪاٽ ڪري اسپتال جي مک گيٽ آڏو اڳواڻن ارشد علي پتوجو، محمد اشرف ڪلهوڙو، محمد يوسف سنديلو ، ماجدہ ڀٽي ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪيو. ڊکڻ ۾ او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري اڳواڻن جي ايم ابڙو، غلام نبي جتوئي، علي مراد شر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. جاتي تعلقي اسپتال ۾ پيرا ميڊيڪل اڳواڻ مقبول ٿھيم، خدا بچايو جت، عيسى ميمڻ، حيات ٿھيم ۽ ٻين مڪمل ٽوڪن ھڙتال ڪري او پي ڊي آڏو مظاھرو ڪيو. ميرپور بٺورو ۾ ڊاڪٽر يوسف کٽي ،شڪيل زئور ،ڊاڪٽر عرفان ميمڻ، راجا رند،مديا ميمڻ، ڊاڪٽر سليمان شاهه جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي. قاضي احمد ۾ رورل ھيلٿ سينٽر جي پيراميڊيڪل اسٽاف او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري اڪبر علي آرائين، ڊاڪٽر اشفاق احمد راهو، فريد ڌاريجو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو. خانپور مهر ۾ گرينڊ هيلٿ الائينس جي سڏ تي عالم خان سيال، اڪبر قاضي، عبدالڪريم مڱڻهار جي اڳواڻي ۾ او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مدئجي تعلقي اسپتال ۾ او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪرڻ بعد ملازمن سجاد منگي, الطاف ڪنڀر, صادق سومرو, شاهد جماڻي ,نويد جيھو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مين گيٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي اڳواڻن دانهيندي چيو ته سنڌ حڪومت ۽ صحت کاتي جي اختيارين پاران واعدو ڪرڻ باوجود سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ رسڪ الائونس جو نوٽيفڪيشن جاري نه ڪيو، جنهن ڪري ٻيهر احتجاجي مظاهرا ڪري او پي ڊي جو بائيڪاٽ ڪري رهيا آهيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button