سنڌ

ٺل ڀرسان ڇوڪري ۽ نوجوان ڪارنهن الزام ۾ گوليون هڻي قتل

ٺل ويجهو اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ خان محمد ٻرڙو ۾ جوابدار غيرت جي نالي تي پنهنجي نوجوان ڀائٽي ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو. ڳوٺ خان محمد ٻرڙو ۾ جوابدار جان محمد ٻرڙو پنهنجي ڀائيٽـِي دلشاد ۽ نوجوان ماجد ٻرڙو کي گوليون هڻي قتل ڪيو. اطلاع تي پوليس پهچي ناري ۽ نوجوان جا لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيا، جتان پوسٽ مارٽم کانپوءِ وارثن حوالي ڪيا ويا. ٻئي لاش اباڻي گهرن ۾ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. ان سلسلي ۾ اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس موجب ڳوٺ خان محمد ٻرڙو ۾ جوابدار جان محمد ٻرڙو ڪارنهن الزام هيٺ پنهنجي 16 ورهين جي ڀائٽي دلشاد ڌي دين محمد ٻرڙو ۽ 25 ورهين جي نوجوان ماجد ٻرڙو کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو. پوليس موجب واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويو آهي. ٻٽي قتل جي مختلف رخن سان جاچ ڪئي پئي وڃي، جلد جوابدار گرفتار ڪيا ويندا. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي جوابدار گرفتار ٿيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button