سنڌ

وڳڻ ويجهو ٽينٽ سٽي ۾ ترسيل متاثرن جو واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاج

وڳڻ ويجهو انڊس ها وي با پاس تي ٽينٽ سٽي ۾ ترسيل ڳوٺ مستي خان جتڪ جي برسات متاثرن واهر نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي متاثرن رئيس خادم حسين جتڪ، داد محمد جتڪ، مصري خان جتڪ دانھيندي چيو ته اسان برسات سبب بي گھر ٿي ھتي روڊ مٿان ٽينٽن ۾ رهون پيا. اسانجي ھن وقت تائين ڪا واھر نٿي سگھي آھي، اسان پنھنجي معصوم ٻچڙن سميت هتي بکون ڪاٽي رهيا آھيون. اسان متاثرن لا آيل راشن، ٿانو ۽ ٻيو سامان اي سي واهه سميع الله وڳڻ پنھنجي من پسند ماڻهن کي ڏئي رھيو آھي کيس اسان جي حال تي ڪو احساس نٿو اچي. جڏھن ته اسان جا 3 ماڻھو پڻ بک وگهي فوت ٿي چڪا آھن پر اسان سان ڪنھن چونڊيل نمائندي توڙي ضلعي انتظاميا جي عملدار تعزيت ناھي ڪئي ۽ نه ئي اسانکي ڪو معاوضو ڏنو ويو آھي. اي سي وارهه سندس ڪلارڪ رياض وڳڻ ۽ ڪوٽار عبدالغفار ٽوٽاڻي سمورو سامان ھڙپ ڪري ويا آھن. هنن اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي وارهه تعلقي جي ڪرپٽ اي سي ۽ سندس عملي خلاف ڪارروائي ڪري اسان جي فوري طور تي واهر ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button