سنڌ

قمبر ۾ ٻوڏ متاثرن جو راشن هڙپ ڪندڙ وڏيرن خلاف احتجاج

قمبر جي ڳوٺ ڊرگھه سومر خان جي رهواسين امداد سامان ۽ راشن هڙپ ڪندڙ وڏيرن خلاف پريس ڪلب آڏو هٿن پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي ڳوٺاڻن علي حيدر چانڊيو، حضور بخش، محمد يعقوب، گلاب خان، غلام نبي چانڊيو ۽ ٻين دانهيندي الزام لڳايو ته ڳوٺ جا وڏيرا ۽ اڳوڻو يوسي چيئرمين اسان کان ٻوڏ متاثرن جا سوين شناختي ڪارڊ وٺي انهن تي راشن ملڻ بعد سڄو راشن ۽ ٻيو سامان پاڻ هڙپ ڪري کائي ويا آهن، جيڪو سراسر ظلم آهي. اسان جا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا، چوپايو مال مري ويو، جڏهن ته زرعي زمين تباهه ٿي ويون، اسان پنهنجي معصوم ٻچڙن سميت بک تي ويٺل آهيون پر ڪير به واهر نه ٿو ڪري. هنن اختيارين کان مطالبو ڪيو ته واقعي جو نوٽيس وٺي بااثر وڏيرن خلاف قانوني ڪارروائي ڪري امدادي راشن ۽ ٻيو سامان ڏيئي واهر ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button