سنڌ

قمبر ۾ وڌندڙ بدامني خلاف شهرين ۽ واپارين جو احتجاجي مظاهرو

قمبر ۾ وڌندڙ بدامني خلاف شهرين، واپارين ۽ مختلف تنظيمن احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب آڏو انتظاميا خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي ڪامريڊ شوڪت چانڊيو، لالا واجد گوپانگ، خالد معرفاڻي، طارق چنو، ساجد انصاري،عبدالقادر سانگاهه، فقيرو گوپانگ، اسرار خاصخيلي، فدا گولو ۽ ٻين چيو ته قمبر شهر ۾ ڏينهون ڏينهن ڦرون ۽ چوريون وڌي رهيون آهن. ڪالهه گيهه جي ڪمپني ۾ ڪم ڪندڙ سوشل ورڪر آصف جويو کان بهرام ڀرسان لکين رپيا ڦر ڪري جوابدارآساني سان فرار ٿي ويا ڪجهه ڏينهن اڳ وڳڻ ٿاڻي جي حد مان واپاري بلاول ڪنڀر کان چار لک ڦر ڪري گوليون هڻي زخمي ڪري فرار ٿي ويا، جڏهن ته پوليس اگھور ننڊ ستل آهي. شهري واپاري پاڻ کي غير محفوظ سجهڻ لڳا آهن. هنن ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button