سنڌ

چانڊڪا ۾ ايندڙ مريضن جو علاج نه ٿيڻ خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي چانڊڪا اسپتال ۾ علاج لاءِ آيل مريضن علاج نه ملڻ خلاف اسپتال جي احاطي ۾ ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل عملي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي قمبر واسي ميهر شابراڻي، ميهڙ واسي بدر الدين ابڙو، شھداد ڪوٽ واسي اعجاز ملاڻو، رتوديرو واسي الھواريو، ڏوڪري واسي جمن شاھه، نصير چانڊيو، اڪبر خاصخيلي، گلزار بروهي، خادم چانڊيو، رميز شيخ، توفيق ابڙو، جانب بليدي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته اسان ڳرا ڀاڙا ڀرڻ سان گڏ ٽائيم سيڙائي علاج ڪرائڻ لاءِ ايندا آهيون، اسپتال پهچڻ سان ئي خبر پوندي آهي ته پيرا ميڊيڪل عملي مطالبن جي مڃتا لاءِ او پي ڊيز جو بائيڪاٽ ڪيو آهي هنن چيو ته پيرا ميڊيڪل جا اڳواڻ پنهنجا فائدا حاصل لاءِ غريب عوام کي بلي جو ٻڪرو بڻائي ڇڏيو آهي. هنن اختيارين کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي پيرا ميڊيڪل عملي خلاف ڪارروائي ڪري مريضن لاءِ اسپتالون کولرائي حياتيون بچائي انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button