سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ خيرو ديرو واسين جو پوليس جي زيادتين خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ رتوديرو تعلقي جي ڳوٺ خيرو ديرو جي رهواسي عورتن پاڪ ڪتاب کڻي بااثرن ۽ پوليس جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي پيرسن عورت ڪمالان خاتون سومرو پنهنجي ڌيئرن روشن خاتون ۽ ڀاشل خاتون سومرو سان گڏجي دانهيندي چيو ته اسان قمبر جي ڳوٺ ڀاوند لاکا جا رهواسي آهيون، سال 2012ع دوران جهيڙي سبب اتان لڏي خيرو ديرو ۾ رهائش اختيار ڪئي. هن الزام لڳايو ته بااثر حاجن شاهھ، سبحان شاهھ، حبيب شاھه، عباس شاھه ۽ ٻين اسان جو جيئڻ جنجال بڻايو آهي. گذريل ڏينهن بااثرن جي چرچ تي ڌامراهه ۽ لاشاري ٿاڻن جي پوليس منهنجي پٽ محمد علي ۽ ڏهٽي ظهير سومرو کي لاڙڪاڻي جي ايس ايس پي چوڪ وٽان کنڀي وئي، جن جو هن وقت تائين ڪو ڏس پتو ناهي پئجي سگهيو، خدشو آهي ته پوليس بااثرن کان ڳري رشوت وٺي پٽ ۽ ڏوهٽي کي ڪوڙي مقابلي ۾ ماري ڇڏيندي. هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي، ايس ايس پي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي ڌامراھه ۽ لاشاري ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز کان پڇاڻو ڪري ڄاڻايل بااثرن خلاف ڪارروائي ڪري گرفتار ٿيلن کي آزاد ڪرائڻ سان گڏ انصاف ۽ تحفظ ڏنو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button