شاهپورجهانيان: شاهپور جهانيان ڀرسان ڳوٺ ماڙي جي رهواسي 60 سالن جي ڪريم بخش مري غربت سبب وڻ ۾ رسو ٻڌي ڳچي ۾ ڦاهو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي. جڏهن ته پيرسن جي آپگهات ڪرڻ ڪري گهر ۾ ڪهرام مچي ويو. فوتي کي سوين آلين اکين سان مٽي ما حوالي ڪيو ويو. ان حوالي سان فوتي جي پٽ خليل احمد مري ٻڌايو ته منهنجو پي رئيس سرمد ٻگهيو جي ٽيوب ويل مشين تي چوڪيدار هو، رات چوڪيداري لا ويو ته صبح جو وڻ ۾ ٽنگيل لاش مليو آهي، بابا غربت سبب پريشان رهندو هو، اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close