اسلام آبادپاڪستان

تحريڪ انصاف کي ڌرڻي هڻڻ لا امن امان جي ذميواري کڻڻي پوندي:ها ڪورٽ

اسلام آباد : اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته احتجاج پاڪستان تحريڪ انصاف جو حق آهي پر خاطري ڪرائي وڃي ته امن امان واري صورتحال کي برقرار رکيو ويندو. پي ٽي آءِ جي جلسي ۽ ڌرڻي جي اجازت نه ڏيڻ خلاف درخواست تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ شنوائي ٿي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس عامر فاروق انتظاميا ۽ لاڳاپيل آفيسر جي غيرحاضري تي ڇنڊ پٽيندي چيو ته ڇا هي ڪائي سول ڪورٽ آهي؟ هي هاءِ ڪورٽ آهي، ضلعي انتظاميا جا لاڳاپيل عملدار فوري طور تي پيش ٿين. ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد بيئرسٽر جهانگير جدون ۽ ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد عدالت آڏو پيش ٿيا، ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد جهانگير جدون پنجويهين مئي بابت سپريم ڪورٽ جو فيصلو پڙهي ٻڌايو. جسٽس عامر فاروق پڇاڻو ڪيو ته ڇا اهو سپريم ڪورٽ جو آرڊر آهي؟ جنهن تي جهانگير جدون چيو ته هي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جو سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل جواب آهي. عدالت سوال ڪيو ته عام طور تي جلسن جي اجازت بابت ڪهڙو طريقيڪار آهي؟ جنهن تي ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد ٻڌايو ته طريقيڪار اهو ئي آهي ته پارٽي جي اجازت سان ئي خاطري ڪرائي ويندي. پي ٽي آءِ وارن جي ريلي ۾ نقصان ٿيو هو ۽ پوليس وارا زخمي ٿيا هئا. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ رمارڪس ڏنا ته وڪيل ته جيڪا به ڳالهه ڪندو آهي ته اصيل پاران ئي ڪندو آهي، پي ٽي آءِ وارن پهريان جنهن جاءِ تي جلسي يا ڌرڻي جي اجازت گهري هئي ڇا هي اها ئي جڳهه آهي؟ بئريسٽر جهانگير جدون چيو ته بلڪل ساڳي ئي هنڌ جي اجازت گهري رهيا آهن، انهن سدائين ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، اسان مٿن اعتماد نٿا ڪري سگهون، ٻن سينيئر وڪيلن جي خاطري کي پي ٽي آءِ جي قيادت مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، اسان ٽي چوڪ واري جاءِ رکي ڇڏي آهي هو جلسو ڪرڻ چاهين ته ڪري سگهن ٿا. وڪيل بابر اعواڻ چيو ته علي اعواڻ اها پٽيشن فائل ڪئي آهي ته هو ان جو ذميوار آهي، معاملو سپريم ڪورٽ ۾ آهي، ان ته نه ڳالهائڻ گهرجي ها نه ئي مان ڳالهائي رهيو آهيان، ٽي چوڪ جي ٽي روڊ آهي، هاڻ انهن ريڊ زون کي وڌائي ڇڏيو آهي. جسٽس عامر فاروق چيو ته ان بابت چا ٿا چئو ته جيڪا جاءِ اتنظاميا اوهان کي ڏئي رهي آهي ته اتي اهو ڪجهه نه ٿيندو جيڪو پهريان ٿيو؟ جنهن تي ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين سان رابطي تائين اسان انهن اعتماد نٿا ڪري سگهون. عدالت چيو ته ڪالهه اوهان چيو ته 6، 7 تاريخ آهي وري ڪجهه ٻيو چيو ويو، تاريخ بابت اوهان کي واضح ٿيڻ گهرجي، جنهن تي بيئرسٽر جهانگير جدون چيو ته هاڻي وري هي چئي رهيا آهن ته ڏهن مهينن تائين ڌرڻو هڻنداسين، کين ڪا هڪ مقرر تاريخ ٻڌائڻ گهرجي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو ته ڪهڙي به جاءِ هجي اوهان خاطري ڪرايو ته امن امان برقرار رکندئو، ڪنهن کي ان جي ذميواري کڻڻي پوندي. ڪير ائين نه چئي ته لاهور ۽ ڪراچي وارن ائين ڪيو، اوهان خيال رکندو ته روڊ بلاڪ نه ٿين، ماڻهو پريشان نه ٿين، احتجاج اوهان جو حق آهي پر شهرين جي حقن جو خيال رکڻو پوندو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button