اسلام آبادپاڪستان

اسلام آباد ايئرپورٽ تي ڪارروائي،هڪ ڪلو 560 گرام ڪوڪين برآمد

اسلام آباد : اينٽي نارڪوٽڪس فورس اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي ڪارروائي ڪندي پرڏيهي مسافر جي قبضي مان منشيات هٿ ڪري ورتي.اي اين ايف ترجمان موجب برازيل سان واسطو رکندڙ مسافر قطر کان اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ پهتو هو، جتي اي اين ايف عملي سامان جي تلاشي دوران هڪ ڪلو 560 گرام ڪوڪين برآمد ڪئي. اي اين ايف موجب جوابدار دوحا کان اسلام آباد پهتو هو، جنهن جي شڪي هجڻ تي تلاشي ورتي وئي ته منشيات برآمد ٿي. جوابدار کي گرفتار ڪري منشيات ٽوڙ ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button