اسلام آبادپاڪستانپنجاب

پنجاب حڪومت کي جي آءِ ٽي ٺاهڻ لاءِ خط،سياست ۾ تشدد لا ڪا جا ناهي:شهباز شريف

اسلام آباد : وزيراعظم شهباز شريف گوجرانوالا ۾ تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان تي فائرنگ واري واقعي جي سخت مذمت ڪندي آ جي پوليس ۽ چيف سيڪريٽري پنجاب کان فوري طور تي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. جڏهن ته فاقي حڪومت پنجاب حڪومت کي جي آءِ ٽي ٺاهڻ لاءِ خط لکي ڇڏيو آهي. ان ڏس ۾ وزيراعظم طرفان آءِ جي پوليس ۽ چيف سيڪريٽري پنجاب کي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. لانگ مارچ تي فائرنگ واري واقعي بعد وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي اهم پريس ڪانفرنس به ملتوي ڪري ڇڏي. وزيراعظم جو چوڻ هو ته وفاقي حڪومت سيڪيورٽي ۽ جاچ جي سلسلي ۾ پنجاب حڪومت جي ڀرپور مدد ڪرڻ لا تيار آهي. اسان جي ملڪ جي سياست ۾ تشدد لا ڪا جا ناهي، آئون عمران خان تي فائرنگ واري واقعي جي مذمت ڪريان ٿو. تحريڪ انصاف چيئرمين ۽ ٻين زخمين جي تڪڙي صحتيابي لا پڻ دعاڳو آهيان. هوڏانهن تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي ڪنٽينر تي فائرنگ جي واقعي کانپوءِ وفاقي حڪومت پنجاب حڪومت کي جي آءِ ٽي ٺاهڻ لاءِ خط لکي ڇڏيو. رپورٽن موجب گهرو وزارت خط چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي پنجاب کي موڪليو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته جي آءِ ٽي ۾ سينيئر پوليس آفيسرن ۽ ڳجهن ادارن جي نمائندن کي شامل ڪيو وڃي. خط ۾ وفاقي حڪومت طرفان چيو ويو آهي ته جي آءِ ٽي ٺاهي وڃي ته جيئن واقعي جي شفاف انڪوائري عمل ۾ اچي. ٻئي طرف سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي لانگ مارچ ۾ پيش آيل افسوسناڪ واقعي جي سخت مذمت ڪيون ٿا. پنجاب حڪومت جي رپورٽ اچڻ تائين ڪو به حتمي فيصلو نه ٿو ڪري سگهجي. وفاقي وزير مريم اورنگزيب پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته واقعي ۾ عمران خان ۽ سينيٽر فيصل جاويد زخمي ٿيا آهن، سندن جلد صحتيابي لاءِ دعاگو آهيان، سي ٽي اسڪين ڪرايو پيو وڃي، سياسي ميدان خوني ميدان نه بڻجڻ گهرجي، مان اهڙي قسم جي سخت مذمت ڪريان ٿي. هن چيو ته وزيراعظم راڻا ثناءُ الله کي هدايت ڪئي آهي ته هو چيف سيڪريٽري پنجاب ۽ آءِ جي پنجاب کان فوري رپورٽ طلب ڪري، وفاقي حڪومت واقعي جي جاچ ۾ هر ممڪن سهڪار ڪندي. پوليس، پنجاب انتظاميا، پنجاب انٽيليجنس ان جي مدد ڪندي. هن چيو ته پنجاب جي وڏي وزير کي به واقعي جي رپورٽ طلب ڪرڻ گهرجي ۽ هو ميڊيا تي اچي ۽ پنهنجي حڪومت ۽ پنجاب اندر ان واقعي جي حقيقتن کان عوام کي آگاهه ڪري، فائرنگ ڪندڙ شخص کي گرفتار ڪيو ويو آهي. هن اعتراف ڪيو ته هن عمران خان کي گوليون هڻڻ جي ڪوشش ڪئي، جوابدار پنجاب پوليس جي تحويل ۾ آهي ۽ پوليس سندس بيان رڪارڊ ڪري رهي آهي. هن چيو ته پنجاب پوليس واقعي کي فوري طور سيل ڪري، واقعي جي جاچ هتان کان شروع ڪئي ويندي. اسان جي لفظن جي چونڊ اهم آهي، اهڙن لفظن جي چونڊ نه ڪرڻ گهرجي جنهن سان اشتعال پيدا ٿئي. اڄ هڪ ذميوار عورت غير ذميواراڻو بيان ڏئي ڇڏيو. هن عورت چيو ته راڻا ثناءُ الله حملو ڪيو آهي، اهڙي رويي ۽ غير ذميواراڻي بيانن جا نتيجا عوام کي ڀوڳڻا پوندا. هن وڌيڪ چيو ته حقيقتون سامهون اچڻ تائين پنجاب حڪومت، پنجاب پوليس، پنجاب جي وڏي وزير جي غير ذميواراڻي بيانن کان پاسو ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button