پاڪستانسنڌ

محمود هالائي پنهنجي قلم ذريعي مظلومن لا آواز اٿاريو:ميرپورخاص ۾ تعزيتي ريفرنس

ميرپورخاص: ميرپورخاص پريس ڪلب طرفان نامور صحافي حاجي محمود ھالائي جي ورسي ملهائي وئي. صحافي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته صحافي پنھنجا لفظ وڪرو ڪندڙ کي نھ پر سماج جي اوسر ۾ ڪردار ادا ڪندڙ کي چيو ويندو آھي، ڪوڙين تاريخن جي بنياد تي غلط نصاب پڙھائڻ جا نتيجا سامھون اچي رھيا آھن. ان سلسلي ۾ ميرپورخاص ڊويزن ۾ صحافت جا بنياد وجھندڙ ناليواري صحافي حاجي محمود ھالائي جي ورسي ۽ پريس ڪلب جي اڳوڻي صدر عاشق ميمڻ جي تعزيتي ريفرنس جي تقريب ميرپورخاص پريس ڪلب جي ھال ۾ ٿي، جنھن کي خطاب ڪندي پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي مرڪزي اڳواڻ خالد کوکر، سينيئر صحافي لالا رحمان سمون، ايڇ يو جي جي صدر جئھ پرڪاش موراڻي، سينيئر صحافي اقبال ملاح، ميرپورخاص پريس ڪلب جي صدر نظير پنھور، سليم آزاد، محمد خالد، عاطف بلوچ، شاھد خاصخيلي، حبيب اللھ ميمڻ ۽ ٻيو چيو تھ محمد عثمان ڏيپلائي ۽ حاجي محمود ھالائي جھڙين شخصيتن پنھنجي قلم وسيلي عوام ۽ مظلوم طبقن جي حقن لاءِ آواز اٿاريو. ھنن چيو تھ پنھنجا لفظ وڪرو ڪندڙ کي صحافي نھ پر صحافي ان کي چيو ويندو آھي، جيڪو سماج جي اوسر ۾ پنھنجو بھتر ڪردار ادا ڪري. ھنن چيو تھ پاڪستان صحافين لاءِ خطرناڪ ملڪن جي لسٽ ۾ شامل آھي، ھتي صحافي مارجي ٿا وڃن تھ ڪير انھن جي پوئيواري نھ ٿو ڪري. ھنن چيو تھ جيڪي ماڻھو روز اخبارون يا ٽي وي چينلز جون ھيڊلائينز بھ نٿا ٻڌن، اھي بھ اڄڪلھه صحافين کي گھٽ وڌ ڳالھائين ٿا. صحافي اڳواڻن چيو تھ سينيئر صحافين مان سکڻ ۽ انھن جي علم ۽ ڏانءَ کي اڳتي وڌائڻ جي ضرورت آھي. ھنن ڇيو تھ اڄڪلھه جيترا ماڻھو پنھنجو پاڻ کي صحافي سڏائين ٿا، اتي اھو سوال بھ پيدا ٿيو آھي تھ آخر صحافي ڪير آھي؟ ھنن چيو تھ حق ۽ سچ چوڻ تي صحافتي ادارن خلاف سازشون ٿينديون رھنديون آھن. ھنن چيو تھ اسان جي ملڪ ۾ ڪوڙين تاريخن جي بنياد تي غلط نصاب پڙھائڻ جا نتيجا اڄڪلھه اسان جي سامھون اچي رھيا آھن. ھن ملڪ اندر اصل جماعتن کي پويان ڪرڻ يا کين ناڪام ڪرڻ لاءِ ھٿرادو جماعتون بڻائڻ جو رواج رھيو آھي، اھڙي طريقي سان ڌنڌوڙي ماڻھن بھ صحافت کي بدنام ڪيو آھي. تقريب بعد پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنسلٽس يونين ميرپورخاص ڊويزن جو بنياد وڌو ويو، جنھن ۾ ميرپورخاص، ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ ضلعن لاءِ 7 رڪني ڪميٽي جوڙي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button