پاڪستانسنڌ

کاڻوٺ پوليس جي ڪارروائي، عورتن سميت 5 ڄڻا گرفتار، 16 ڪلو چرس هٿ

سن: سن لڳ کاڻوٺ پوليس ڪارروائي ڪري 4 عورتن سميت 5 منشيات فروشن کي گرفتار ڪري 16 ڪلو چرس هٿ ڪرڻ جي دعوى ڪئي آهي، خبر موجب کاڻوٺ پوليس ڳجهي اطلاع تي ڄامشورو کان سيوهڻ طرف ويندڙ رڪشا کي انڊس ها وي تي روڪي تلاشي ورتي. جنهن مان 16 ڪلو چرس هٿ ڪري 5 منشيات فروشن گجر، مارئي کوسو، زرينه کوسو، دادلي کوسو ۽ عاشق کوسو کي گرفتار ڪرڻ جي دعوى ڪئي آهي. ايس ايڇ او کاڻوٺ ديدار حسين جتوئي جو چوڻ ھو ته ڳجھي اطلاع ملڻ تي ڪارروائي ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ 16 ڪلو چرس ھٿ ڪيو آهي ۽ جوابدارن تي منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آھي. هوڏانهن ذريعن موجب هٿ ايندڙ منشيات جي قيمت هڪ ڪروڙ تائين ٻڌائي پئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button