پاڪستانسنڌ

نندو لڳ پوليس چڙهائي، 4 ڄڻا گرفتار، 10 ڄڻن تي دهشتگردي جو ڪيس داخل

نندوشھر: نندو ۾ پوليس هٿان گرفتار 4 ڳوٺاڻن سميت 10 ڄڻن تي دهشتگردي جو ڪيس داخل، گرفتار ٿيلن کي دھشتگردي جي انت واري عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، نندو پوليس تي ڳوٺاڻن جو بيگناهه ڪيس داخل ڪرڻ جو الزام، پوليس طرفان ڳوٺاڻن تي گرفتار جوابدار کي ڇڏرائڻ جو الزام هنيو ويو آهي. خبر موجب نندو پوليس ڳوٺ رئيس سونو خان سيال ۾ گهرن تي چڙهائي ڪري گرفتار ڪيل 4 ڄڻن هر هڪ نور محمد ملاح، عارب ملاح، اياز ملاح ۽ لکاڏنو ملاح، علي اڪبر ملاح، ڪانڊيرو ملاح، محمد ملاح، ابراهيم نهڙيو سميت 10 ڄڻن تي دهشتگردي قلم تحت 324-353-224-225-337- 35 پي پي سي تحت رات دير سان ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته نندو پوليس گرفتار ڪيل چئن جوابدارن کي دهشتگردي جي انت واري عدالت حيدرآباد ۾ پيش ڪيو.

ڄاڻايل ڪيس ۾ فريادي ايس ايڇ او نندو اياز حسين جنڊان ڄاڻايو آھي ته نندو پوليس ڪارروائي ڪري جوابدار اسد سيال کي 1600 گرام چرس سميت گرفتار ڪيو هو ته مذڪوره جوابدارن پوليس تي لٺين، ڪهاڙين ۽ پستول سميت حملو ڪري جوابدار ڇڏائي ويا. هوڏانهن متاثر ڳوٺاڻن حسن ملاح، يعقوب ملاح ۽ ٻين “سنڌ ايڪسپريس” کي ٻڌايو ته نندو پوليس اهلڪار سادن ڪپڙن ۾ گهرن ۾ داخل ٿيا هئا، جن کي اسان چور سمجهي سوگھو ڪري پوليس حوالي ڪيو ته پوليس تصديق ڪئي ته اهي پوليس اهلڪار آھن، بعد ۾ اسان ايس ايڇ او نندو کي مذڪوره اهلڪار واپس ڪيا، جنهن بعد صبح جو ضلعي بدين جي مختلف ٿاڻن جي 11 پوليس موبائيلن ۾ سوار سوين اهلڪارن گهرن ۾ داخل ٿي 4 نوجوان گرفتار ڪرڻ بعد ڪيس داخل ڪيو آھي. هنن آئي جي سنڌ ۽ ٻين وس وارن کان انصاف جي گهر ڪئي آھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button