پاڪستانسنڌ

مٺي عدالت مختيارڪار ڪلوئي کي هٿڪڙيون لڳرائي جيل موڪلي ڇڏيو

مٺي/ ڪلوئي: ڪلوئي جي مختيارڪار کي وقت سر عدالت ۾ رپورٽ جمع نه ڪرائڻ تي سيشن ڪورٽ مٺي هڪ مهيني جي سزا ٻڌائي ميرپورخاص جيل موڪلي ڇڏيو. ڪلوئي جي مختيارڪار سجاد انصاري کان سيشن جج مٺي هڪ رپورٽ گهري هئي، پر مختيارڪار عمل نه ڪيو، ڪيس جي اڄ ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران سول جج ۽ جڊيشل مئجسٽريٽ مٺي مگهارام جي عدالت 175 جي ڪارروائي ڪندي مختيارڪار ڪلوئي کي هٿڪڙيون هڻائي هڪ مهيني جي سزا ڏئي ميرپورخاص جيل موڪلي ڇڏيو. واضح رهي ته مختيارڪار سجاد انصاري ۽ تپيدار ڀمر سنگھه ويرجي مل ٻوڏ دوران امدادي راشن ۾ مبينا غبن ڪيو. معلوم ٿيو آھي ته مختيارڪار ڪلوئي سجاد انصاري سيشن ڪورٽ جي حڪمن کي تعميل ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو ۽ عدالت جي ڪلارڪ گورڌن داس جي فرياد تي سندس خلاف ڪيس جڊيشل مئجسٽريٽ اينڊ سول جج مٺي جي عدالت ۾ هلندڙ ھو، جنهن جي ٻڌڻي دوران عدالت مختيارڪار کي هٿڪڙيون هڻائي ويهاري ڇڏيو ۽ هڪ مهينو سزا جو فيصلو ٻڌائي کيس جيل روانو ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button