پاڪستانسنڌ

کاڻوٺ لڳ ھلندڙ ٽرڪ مان چور 46 ڪارٽون گيھه جا لاھي فرار

سن: کاڻوٺ ٿاڻي جي حد مان انڊس ھا وي ھلندڙ ٽرڪ مان چور اڍائي لک ماليت جا 46 ڪارٽون گيھه جا لاھي فرار ٿي ويا پر پوليس ڪابه ڪارروائي نه ڪري سگهي. جنهن خلاف ڊرائٔيور ۽ ڪلينر احتجاج ڪري روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي سمندر بروهي چيو ته ڪراچي کان پنجاب وڃي رھيا ھئاسين ته دائٔيداڻو موڙ وٽ صبح جو 5 وڳي چورن ٽرڪ جي پٺيان سوزوڪي ذريعي اڍائي لک تائٔين ماليت رکندڙ 46 ڪارٽون گيهه جا لاھي فرار ٿي ويا آهن. ھرھڪ ڪارٽون جو وزن ٻارنھن ۽ سورنھن ڪلو جو آهي. هن چيو ته خاڻوٺ ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو آهي پر پوليس ڪابه داد ڪرڻ لا تيار ناھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button