پاڪستانسنڌ

ڊي ايس پي کاڻوٺ جي سرپئنچي ۾ زمين تڪرار جو نبيرو، ڌريون کيرکنڊ

سن: منظورآباد ڀرسان ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ زمين تڪرار جو ڊي ايس پي کاڻوٺ جي سرپئنچي ۾ فيصلو ٿيو، ڌريون کيرکنڊ ٿي ويون. خبر موجب سن لڳ ٻڍاپور ٿاڻي جي حد ۾ ايندڙ زرعي زمين تي ياسين کوسو ۽ رئٔيس ماڇي جي ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار جو ڊي ايس پي کاڻوٺ آغا صالح الدين پٺاڻ جي سرپئنچي ۾ سندس آفيس ۾ ڌرين کي طلب ڪري فيصلو ڪيو ويو. ٻنھي ڌرين جو ڳالهيون ٻڌڻ بعد ڊي ايس پي کاڻوٺ فتوى جاري ڪندي چيو ته ڪابه ڌر ھاڻ اڳرائي نه ڪندي، ٻئي ڌريون علائقي ۾ امن برقرار رکڻ ۾ قانون جون ساٿاري رھنديون. ياسين کوسو جي زمين تي رئٔيس ماڇي جي ڌر ڪوبه حق نه رکندي، ڌريون ٿيل ناجائزيون ختم ڪري ڇڏينديون ۽ مستقبل ۾ اڳرائي ڪندڙ ڌر تي 5 لک روپيا ڏنڊ هنيو ويندو. جنهن بعد ڌرين راضپو ظاهر ڪري فيصلو قبول ڪري ورتو ۽ ڌريون کيرکنڊ ٿي ويون. ٻنھي ڌرين جي معزز شخصيتن شاھه ڏنو کوسو، حبيب ماڇي، دين محمد کوسو ۽ لطيف ماڇي سميت ٻين فيصلي ۾ شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button