پاڪستانسنڌ

پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ وڏو مانڌاڻ متل آھي: رياض چانڊيو

نوري آباد: جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو چيو آھي ته ملڪ جي موجوده مجموعي صورتحال اقتداري قوتن جي جنگ آھي، پنجاب ۽ خيبرپختونخواه ۾ وڏو مانڌاڻ متل آھي، اسٽيبلشمينٽ ۽ عمران جي جنگ ملڪ ۾ حقيقي جمهوريت جي جنگ ناهي، عمران ۽ اسٽيبلشمينٽ جي جنگ قومن جي وسيلن، انهن جي حقن ۽ احترامن پنجاب جي غلبي بابت ناهي پر جنگ اها آھي ته اقتدار مسلسل اسٽيبلشمينٽ وٽ هجي يا پنجابي سياستدانن وٽ ھجي، هي اها جنگ آھي. اڳ اها جنگ نواز شريف وڙهي ۽ هاڻ اها جنگ عمران خان وڙهي پيو، نواز شريف سمجهوتو ڪري ٺھي ويو پر پيلزپارٽي ڪڏھن به سنڌ جي حقن ۽ وسيلن جي وارثي لا جنگ ناهي وڙهي، سنڌ جا حڪمران لٽيرا آھن، انهن کي ڪنهن به صورت ۾ پئسا کپن، جن تي عياشون ڪن، پيپلزپارٽي جو قانون، انصاف ۽ قومي حقن سان ڪو واسطو ناهي.

اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه نوري آباد پريس ڪلب تي وائيس چيئرمين نواز علي شاھه ڀاڏائي ۽ نيشنل ڊيموڪريٽڪ پارٽي هي صدر ممتاز علي بروهي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي ماڻھن خاص ڪري نوجوانن کي اهو عرض ڪندس ته توهان جا شھر پيپلزپارٽي، پي ٽي آ ۽ جماعت اسلامي غيرملڪين حوالي ڪري ڇڏيا آھن، توهان جي وسيلن، سمنڊ، درياهه، ڪوئلي تي پنجاب، افغانين، بنگالين ۽ برمين جو قبضو آھي. هي قبضي جو مامعلو آھي ته سنڌين جي زمين سنڌين جي پيرن هيٺان نڪري، سنڌ ۾ انساني حق معطل آھن، جهنگ جو قانون آھي. سنڌ جا ڳڀرو نوجوان بيدردي سان ماريا پيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button