پاڪستانسنڌ

مورو ۾ پگهارون نه ملڻ خلاف استادن جو احتجاجي مظاهرو

مورو: مورو ۾ پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي استادن پاران گذريل 6 مھينن کان پگھارون نه ملڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي صداقت ابڙو، منصور علي، راشد مشوري، آصف ڪورائي، ڪاشف سومرو ۽ ٻين چيو ته اسان کي ميرٽ جي بنياد تي نوڪريون مليون آھن، پر 6 مهينا گذرڻ باوجود پگهارون جاري نه ٿيون آهن، پگھارون نه ملڻ ڪري فاڪاڪشيءَ ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويا آھيون، ھن مھانگائي جي دور ۾ 40 ڪلوميٽر جو مفاصلو طئي ڪري ڊيوٽيون سرانجام ڏنيون آھن، پر ھاڻي اسان کي وري 14 ۽ 9 اسڪيل ۽ اپگريڊيشن جي ھٿرادو مسئلي ۾ ڦاسائي پگھارون ڏيڻ کان جواب ڏنو ويو آھي. ھنن حڪومت سنڌ، تعليم کاتي جي وزير، سيڪريٽري ۽ ٻين وسوارن کان مطالبو ڪيو ته اسان جي جائز مسئلي کي حل ڪري رھيل پگھارون ڏنيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button