اسلام آبادپاڪستانزراعت ۽ ڪاروبار

پيٽروليم ليوي 30 رپين مان وڌائي 50 رپين تائين ڪرڻ جي منظوري

اسلام آباد :اقتصادي رابطا ڪميٽي پيٽروليم ڊيولپمينٽ ليوي وڌائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ پيٽروليم ڊيولپمينٽ ليوي وڌائڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. ذريعن مطابق هاءِ پريميم تي پيٽروليم ڊيولپمينٽ ليوي جي شرح وڌائڻ جي منظوري ڏني وئي. عالمي مالياتي فنڊ جي شرط تي پيٽروليم ڊيولپمينٽ ليوي جي شرح وڌائڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. ذريعن مطابق اجلاس ۾ هاءِ اوڪٽين پيٽرول تي ليوي جي شرح 50 رپيا عائد ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي ۽ هاءِ اوڪٽين پيٽرول تي 16 نومبر کان 50 رپيا ليوي عائد ٿي ويندي. ذريعن مطابق اجلاس ۾ پيٽروليم شين تي سيلز ٽيڪس عائد ڪرڻ بابت سمري ملتوي ڪئي وئي آهي. ناڻي واري وزارت جي ذريعن مطابق هائي اوڪٽين تي 30 رپيا پيٽروليم ڊيولپمينٽ ليوي عائد هئي. آئي ايم ايف جي شرط تي هاءِ اوڪٽين تي 50 رپيا ليوي لاڳو ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. ذريعن مطابق هاءِ اوڪٽين تي فل پيٽروليم ڊيولپمينٽ ليوي جي شرح لاڳو ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button