اسلام آبادپاڪستان

عمران ڪيس ۾ آئي ايس آئي ۽ ايم آئي آفيسر جاچ ٽيم ۾ نه هوندا

اسلام آباد: آئي ايس آئي ۽ ايم آئي جا آفيسر اڳوڻي وزيراعظم عمران خان تي حملي جي معاملي ۾ ٺهندڙ گڏيل جاچ ٽيم جو حصو نه هوندا. خانگي ٽي وي سرڪري ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو ته ڳجهن ادارن جي نمائندن گهرو وزارت ۽ پنجاب هوم آفيس کي آگاهه ڪري ڇڏيو. ذريعن ٻڌايو ته سرڪاري عملدارن کي ٻڌايو ويو ته جاچ ۾ شامل نه ٿيندا ته جيئن ڪوئي آڱر نه کڻي سگهي. سرڪاري عملدارن آئي ايس آئي ۽ ايم آئي پاران مليل پيغام جي تصديق ڪئي ۽ چيو ته انٽيليجنس ادارا پاڻ کي ڪنهن تڪرار کان بچائڻ چاهين ٿا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button