اسلام آبادپاڪستان

قاتلاڻي حملي جو ياسمين راشد جي فرياد تي ڪيس ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد : قاتلاڻي حملي جي معاملي تي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي ڊاڪٽر ياسمين راسد جي فراد تي ايف آئي آر داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. شاهه محمود قريشي پنهنجي بيان ۾ چيو ته اسان جي رات جو عمران خان سان ملاقات ٿي، عمران خان محفوظ آهي. عمران خان پهريان کان وڌيڪ پرعزم ۽ پر اعتماد آهي. هن چيو ته عمران خان کي ڄاڻ هئي ته ان تي حملو ٿي سگهي ٿو، ان کي پتو هو ته کيس هٽائڻ جي رٿابندي ڪئي پئي وڃي پر عمران خان پوءِ به پنهنجو مارچ جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو. شاهه محمود قريشي چيو ته ذهن ۾ واضح آهي ته ڪنهن کي جوابدار ڄاڻائڻو آهي، هن اسد عمر ۽ ميان اسلم کي ٻڌائي ڇڏيو آهي. اڳوڻي وزير چيو ته عمران خان جي هدايت تي ياسمين راشد جي فرياد تي ايف آئي آر داخل ڪرڻ جو فيصلو ٿيو آهي. ايف آئي آر ۾ ٽن ماڻهن کي نامزد ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button