اسلام آبادپاڪستان

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس لاءِ عامر فاروق جي نالي جي منظوري

اسلام آباد :ججن جي مقرري بابت پارلياماني ڪميٽي جسٽس عامر فاروق جي نالي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس لاءِ جسٽس عامر فاروق جي نالي جي منظوري ڏني وئي آهي. فهميدا مرزا جي صدارت هيٺ اعليٰ عدليا ۾ ججن جي مقرري بابت پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ لاءِ جڊيشل ڪميشن جي سفارشن جو جائزو ورتو ويو. سپريم ڪورٽ ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن ۽ چيف جسٽس جي نالن جي منظوري تي غور ڪيو ويو. پارلياماني ڪميٽي سپريم ڪورٽ جي جسٽس اطهرمن الله ۽ اسلام آباد هاءِ ڪوٽ جي چيف جسٽس لاءِ جسٽس عامر فاروق جي نالي جي منظوري ڏئي ڇڏي. جسٽس شاهد وحيد ۽ جسٽس حسن اظهر جي نالن جي منظوري 10 نومبر تي ڏني ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button