اسلام آبادپاڪستان

حڪومت نوجوانن جي هر قسم جي مدد لاءِ تيار آهي:وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت نوجوانن جي هر قسم جي مدد لاءِ تيار آهي، کين روزگار ۽ ڪاروبار جي فراهمي جا وڌيڪ موقعا ڏينداسين. رپورٽ موجب وزيراعظم عمران خان سان ڪالهه ڪامياب جوان پروگرام جي سربراهه عثمان ڊار ملاقات ڪئي آهي، جنهن ۾ هن ڪامياب جوان پروگرام جي ڪارڪردگي رپورٽ وزيراعظم جي سامهون پيش ڪئي. وزيراعظم عمران خان ڪامياب جوان پروگرام جي ڪارڪردگي رپورٽ تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پروگرام ۾ شفافيت ۽ ميرٽ يقيني بنائڻ تي خوشي آهي. 2 سالن جي محنت جا نتيجا سامهون اچڻ شروع ٿي چڪا آهن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته منصوبي ۾ شامل ڀائيوار بينڪ رقم جي ورهاست وارو عمل وڌيڪ تيزي ڪري. هن ٻڌايو ته مون ناڻي واري صلاحڪار کي چيو آهي ته نوجوانن لاءِ پهريان کان وڌيڪ فنڊز مقرر ڪيا وڃن. ملاقات ۾ ڪامياب جوان پروگرام جي سربراهه عثمان ڊار وزيراعظم جو ٿورو ادا ڪيو ۽ چيو ته سسٽم مضبوط ٿي چڪو آهي. هاڻ سمورو ڌيان منصوبي ۾ وڌيڪ تيزي آڻڻ تي آهي. هن چيو ته ڪنهن به صورت ۾ ميرٽ ۽ شفافيت تي سمجهوتو نه ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button