
روهڙي: سکر کان لوڪو شيڊ ورڪشاپ مال گاڏي سان ويندڙ انجڻ روهڙي اسٽيشن جي پليٽ فارم نمبر 3 تي پٽڙي تان لهي ويو لوڪو شيڊ ورڪشاپ مان گهرايل رليف ڪرين وسيلي انجڻ کي پٽڙي تي چاڙهيو ويو تفصيل موجب سکر کان لوڪو شيڊ ورڪشاپ ڏانهن ويندڙ مال گاڏي جي هڪ بوگي سان ويندڙ انجڻ روهڙي اسٽيشن جي پليٽ فارم نمبر 3 تي پٽڙي تان لهي ويو جنهن جي ڪري پليٽ فارم نمبر 3 تي سمورن مسافر ٽرينن جي داخلا کي روڪيو ويو ۽ ريلوي انتظاميا پاران لوڪو شيڊ ورڪشاپ تان رليف ڪرين کي گهرائي متاثر انجڻ کي امدادي ڪاررواين کانپوءِ پٽڙي تي چاڙهي پليٽ فارم نمبر 3 کي مسافر ٽرينن جي اچ وڃ لاءِ بحال ڪيو ويو.