پاڪستانسنڌ

سنڌ ڪابينا طرفان مڪاني چونڊون 90 ڏينهن تائين ملتوي ڪرڻ جي منظوري

ڪراچي: سنڌ ڪابينا ڪراچي ۾ مڪاني چونڊون 90 ڏينهن تائين ملتوي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن واري معاملي تي مڪاني ادارن واري کاتي طرفان اليڪشن ڪميشن کي خط لکي آگاهي به ڏني وئي آهي. ان حوالي سان مڪاني ادرن واري کاتي طرفان اليڪشن ڪميشن ڏانهن لکيل خط ذريعي ٻڌايو آهي ته سنڌ ڪابينا هڪ سرڪيولر ذريعي ڪراچي ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ واري تجويز جي منظوري ڏني آهي.

اليڪشن ڪميشن ڏانهن لکيل خط ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سنڌ ڪابينا 90 ڏينهن لاءِ ڪراچي ڊويزن ۾ مڪاني چونڊون ملتوي ڪرڻ جي منطوري ڏني آهي. ذريعن موجب مڪاني ادارن واري کاتي سنڌ ڪابينا جي منظوري بابت اليڪشن ڪميشن کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي. واضح رهي ته صوبائي حڪومت ٽي ڀيرا مڪاني چونڊون ملتوي ڪرائي چڪي آهي، هي چوٿون ڀيرو اليڪشن ملتوي ڪرائڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن کي خط لکيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button