لاڙڪاڻي ويجهو پير شير ٿاڻي جي حد مگسي ٽائون ۾ هڪ ڏينهن اڳ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان قتل ٿيل پيرسن عورت جي وارثن مقتولا جو لاش ايس ايس پي چوڪ تي رکي قاتل جي گرفتاري ۽ پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. ان موقعي تي مقتول جي وارثن آفتاب جتوئي پنهنجي ڀينرن ۽ ٻين مائٽن سان گڏجي دانهيندي الزام لڳايو ته گذريل ڏينهن منهنجي والد ماستر دلدار جتوئي مائٽن جي گهر ۾ ڇٽي جي پروگرام دوران پسٽل جا فائر ڪري اسان جي ما بشيران خاتون کي بيگناهه قتل ڪري ڇڏيو آهي، واقعي جو ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ٿاڻي تي پهتاسين ته ايس ايڇ او طالب جوڻيجو موجود ئي نه هو ۽ فون تي جڏهن ايس ايڇ او سان رابطو ڪيوسين ته هن چيو مان بلاول ڀٽو جي سيڪيورٽي ۾ آهيان، اوهان انتظار ڪريو، اسان انتظار ڪيوسين، جنهن بعد ايس ايڇ او ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ 3 لک رشوت طلب ڪئي، رشوت نه ڏيڻ ڪري ڪيس داخل ناهي ڪيو ويو، جيڪا وڏي ناانصافي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close