سنڌ

باقراڻي واسي پيرسن جو نافرمان پٽ جي ڏاڍ خلاف احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ باقراڻي جي ڳوٺ خير محمد آريجا واسي پيرسن نافرمان پٽ جي مبينا زيادتين خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. 77 سالن جي پيرسن پورهيت سيد عبدالجبار شاهه دانهيندي چيو ته مان گڏهھ گاڏو هلائي پيٽ گذر ڪندو آهيان، ڳوٺ ۾ والد جي ملڪيت مان حصي طور مليل ڏيڍ جريب زمين ۽ پلاٽ سميت رهائش لاءِ ذاتي گهر تي سال اڳ نافرمان پٽ عبدالفتاح شاهه لالچ ۾ اچي مارڪٽ ڪري گهران ڪڍڻ بعد قبضو ڪري ڇڏيو آهي، جنهن بعد مان پنهنجي ڀاءُ سجاد شاهه سان گڏ رهندو آهيان، اهڙي دانهن يونيورسٽي ٿاڻي تي ڏني آهي پر پوليس نافرمان پٽ خلاف ڪا ڪارروائي ناهي ڪئي. علائقي جي معززن وٽ ڳالهيون به ٿيون فيصلو منهنجي حق ۾ آيو پر نافرمان پٽ فيصلي کي نه مڃيو، پٽ سوشل ميڊيا تي مونکي چريون قرار ڏئي منهنجي خلاف واويلا ڪري رهيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button