سنڌ

فهميده قتلُ: پاڪ ڪتاب جي بيحرمتي خلاف ڪيس لائي درخواست داخل

خيرپور جوسو واقعي ۾ قتل ٿيل عورت فهميده سيال جي هٿ ۾ پاڪ ڪتاب کي لڳندڙ گولي واري عمل خلاف جي يو آ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري علامه راشد محمود سومرو جي هدايت تي جي يو آ اڳواڻ مفتي طاهر محمود سومرو، مولانا الياس چنو، جمال مصطفى ۽ حافظ عزيز گل جاگيراڻي جي قيادت ۾ سوين ڪارڪنن پکو ٿاڻو تي پهچي قرآن پاڪ جي بي حرمتي جي ايف آ آر داخل ڪرائڻ لا درخواست ڏيندي پوليس کي 24 ڪلاڪن جي مهلت ڏئي ڇڏي. درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ايم پي اي گهنور اسراڻ جي والد شهيد اسراڻ سيال برداري جي پلاٽ مٿان ناجائز قبضي کي برقرار رکڻ لاءِ هٿين خالي سيال برادري جي ماڻهن مٿان فائرنگ ڪرائي، جنهن ۾ مقتولا فهيده سيال کي قرآن پاڪ هٿ ۾ هو، جنهن کي هو قاتل کي ميڙ لاءِ ڏئي رهي هئي، هنن پاڪ ڪتاب جي حرمت جو خيال نه ڪيو ۽ فائرنگ ڪري ڏني، نتيجي ۾ قرآن پاڪ مان گولي گذرڻ کان پوءِ مقتولا کي لڳي. هنن چيو ته اهڙي گستاخي جي ڪڏهن به معافي نه ڏني ويندي. هنن چيو ته اول جي ايف آ آر ۾ قرآن پاڪ جو ذڪر ڪيو ويو آهي پر قرآن پاڪ جي توهين وارا قلم شامل ناهن ڪيا ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button