سنڌ

خيرپور ۾ سي سيڪشن پوليس خلاف رهواسين جو احتجاج

خيرپور ڀرسان پير ھوتي نوتي جي رھواسين سي سيڪشن پوليس خلاف پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. جنهن جي اڳواڻي فيض محمد ميتلو، جلال متيلو، ظھير، ثنا اللہ ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. هنن چيو ته رات دير سان سي سيڪشن پوليس رات دير سان گهر ۾ گهڙي چادر ۽ چوديواري جو تقدس پائمال ڪري عورتن ۽ ٻارن تي تشدد ڪيو، پوليس بيگناهه آچر ميتلو، غلام جعفر، اڪبر متيلو سميت 4 ڄڻن کي گرفتار ڪري کڻي وئي، سي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس اسان سان وڏو ظلم ڪيو، پوليس اسان جي نوجوانن گرفتار ڪري ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته بيگناهه گرفتار ڪيلن کي آزاد ڪري ڪوڙو ڪيس خارج ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button