سنڌ

بلاول ڀٽو لاڙڪاڻي جو دورو مڪمل ڪري اسلام آباد روانو

پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري لاڙڪاڻو جو دورو مڪمل ڪري اسلام آباد روانو ٿي ويو. بلاول ڀٽو نئون ديرو هائوس کان ڳڙهي خدابخش ڀٽو شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀرڻ لاءِ پهچي قائد عوام شهيد ذوالفقار ڀٽو، شهيد بينظير ڀٽو، بيگم نصرت ڀٽو، شهيد مرتضيٰ ڀٽو، شهيد شاهنواز ڀٽو سميت ڀٽو خاندان جي ٻين مزارن تي حاضري ڀري فاتحه خواني ڪئي. بلاول ڀٽو جي ڳڙهي خدابخش حاضري ڀرڻ کان اڳ شهيدن جي مزار کي عام ماڻهن کان مڪمل طور خالي ڪرائي سيڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا. ان موقعي تي چيئرمين بلاول ڀٽو سان گڏ سهيل انور سيال ۽ جميل سومرو موجود هئا. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو ڳڙهي خدابخش ڀٽو کان خانپور مهر لاءِ روانو ٿي ويو، جتان بعد ۾ سکر ايئرپورٽ کان اسلام آباد روانو ٿي ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button